تيگڪ دڙو

تيگڪ دڙو: هي دڙو بلوچستان جي سراب کان ٽي ميل پري ڳوٺ تيگڪ ۾ واقع آهي. هي دڙو 380 فوٽ قطر ۾ ۽ 10 فوٽ کن اوچائي ۾ آهي. هي دڙو هڪ زرخيز ماٿري ۾ آهي. هن جي اوڀر ۾ ”ريج نئن“ وهي ٿي. هن جي چوڌاري زرخيز زمينون آهن. هن ماڳ تي پهچڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي. ماڳ تي رهائشي اڏاوتن جا نشان ملن ٿا. جاءِ ڪچي سر سان جڙيل آهي. شايد اها ننڍي جاءِ اوائلي تاريخي دور جي هجي. هن ماڳ جي عرصي جو تخمينو چوٿين سهسر ق. م کان اوائلي تاريخي دور لڳائي سگهجي ٿو. وٿن ۾ جانورن جي مورتين جا ٽڪر جن جو واسطو شايد اوائلي دور جي رهتن سان هجي، ۽ هڪ ماڻهو جي کوپڙي به ملي آهي. ماڳ تان ملندڙ ٺڪر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
ٺڪر جو نمونو: 1. وچولو چڪ تي لٿل گلابڙي، ميٽوڙو ٺڪر، ٻاهران سڌين ڪنڊن وٽ اڇڙو ليڪو. 2. هٿ سان ٺهيل ڳاڙهو ٺڪر، ٻاهران اڇو ليپو يا ليڪا ۽ ٺپيل گل ٻوٽا جيڪي عمودي ليڪن سان ڇني ڌار ڪيل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو